روءِ داد هڪ رات جي

روءِ داد هڪ رات جي

روءِ داد هڪ رات جي

روءِ داد هڪ رات جي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور قومپرست اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر جو لکيل آهي. جنهن ۾ سنڌ جي قومي مسئلن ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي اندروني معاملن سان گڏ هڪ رات جيل جي ديوارن پويان گذارڻ واري وارتا جو ذڪر به آهي. هيءُ ڪتاب مختلف موضوعن ۾ ورهايل آهي، ابتدا ۾ جسقم جي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ڏانهن لکيل خط ڏنل آهي، جنهن ۾ ليکڪ پاڻ مٿان آيل الزامن بابت وضاحت ڪئي آهي. ڪتاب ۾ ’حقيقت هن حال جي‘ ۽ ’هڪ رات جي واردات‘ جي عنوان سان ليک شامل آهن. هيءُ ڪتاب مجموعي طور تي جسقم اندر پيدا ٿيل اختلافن بابت لکيل آهي. جنهن ۾ ليکڪ مختلف ثبوت ۽ شاهديون ڏئي پاڻ کي الزامن مان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ڄام محمد اقبال انڙ لکيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪ سان گڏ گرفتار ٿيل ڪارڪنن علي نواز آريسر، محمد حنيف راهمون، ڌڻي بخش سولنگي، علي رضا مڱريو ۽ ڪرم الله آريسر جون تصويرون ڏنل آهن. جن هڪ رات ڳجهن ادارن جي عتاب ۾ گذاري. 96 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪتاب هوشو پبلشرز حيدرآباد، فيبروري 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 85 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو